ڀڳوان سي ٿڌاڻي پشپ

ڀڳوان سي. ٿڌاڻي ”پشپ“: سنڌي ٻوليءَ جي هن ليکڪ پھرين اپريل 1922ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس خاص موضوع، ڪھاڻي، مضمون ۽ ناٽڪ آھن. سندس سالن جي سماجي ۽ ادبي پورھئي ۾ سندس شايع ٿيل ڪتاب ”سماج جي صورت“ (1966ع)، ”سماجڪ پشپ“ (1968ع)، ”ھيرا موتي“ (1972ع)، ”سُکي جيون“، (1975ع) ”ڪسوٽي“ (1976ع) وغيره اچي وڃن ٿا. سماج سڌار ۽ صحت سان لاڳاپيل موضوعن ۾ خاص دلچسپي اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو